رب ڏنو هنڱورو

رب ڏنو هنڱورو

رب ڏنو هنڱورو

رب ڏنو هنڱورو: مشهور سگھڙ رب ڏنو ولد ميلو فقير هنڱورو، 4 جون 1966ع تي ڳوٺ دائم فقير هنڱوري، تعلقي کپري، ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو. 1980ع ۾ پنج درجا سنڌي پاس ڪيائين. 1992ع ۾ مئٽرڪ نيشنل اسلاميه هاءِ اسڪول کپري مان پاس ڪري 1993ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. نوڪري ملڻ کانپوءِ 2002ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپري مان انٽر پاس ڪيائين. ننڍپڻ کان وٺي مولود شريف، معجزا، ساراهه ۽ سانوڻ فقير جا بيت، محفلن ۽ شادين ۾ جھونگاري داد حاصل ڪندو رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر نصير مرزا ۽ سينيئر پروڊيوسر علي اڪبر هنڱورجي کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. 2006ع ۾ آڊيشن پاس ڪري، ريڊيو جي فنڪارن ۾ شامل ٿيو. هي ريڊيو جي پروگرام فتح خان جي اوطاق ۾ به ڪافي ڀيرا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.06.04  عيسوي

مشهور سگھڙ رب ڏنو ولد ميلو فقير هنڱورو، 4 جون 1966ع تي ڳوٺ دائم فقير هنڱوري، تعلقي کپري، ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو.



سُگھڙ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پانڌي پنهور
ڀارو ۽ حفيظ
عبداللطيف لغاري
امداد علي بلوچ
رمضان واڍو
مجنون فقير ٻرڙو
بابو پالاري
حسين بخش رڏ
رحمت الله عباسي
پلي صابر
سُگھڙ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون